شرف النساءَ شعبان قيصر هند

شرف النساءَ شعبان (قيصر هند): مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ بيگم شرف النساءَ شعبان شڪارپور ۾ پيدا ٿي. هن جي والد جو نالو ميان محمد حسن هو، جيڪو شڪارپور جو ناميارو وڪيل هو. هوءَ پنهنجن ڀائرن سان گڏ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي وئي. ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سياسي ۽ سماجي ڪمن جي شروعات ڪيائين. سندس وڏو ڀاءُ آنريبل علي بخش 1923ع ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي وفات کانپوءِ مسلم ٻهراڙيءَ واري سيٽ تان انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پاڪستان ٺهڻ تائين ان جو ميمبر هو. 1926ع ۾ هو ڪائونسل آف اسٽيٽ چونڊيو ويو هو. هن جو ٻيو ڀاءُ خانبهادر نبي بخش شروع ۾ روينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو، بعد ۾ ڪيترن عهدن تي رهڻ کانپوءِ بهاولپور رياست جو وزيراعظم مقرر ٿيو. هي جهوناڳڙهه رياست جو به وزيراعظم ٿيو. بيگم شرف النساءَ جي شادي ميان محمد شعبان ميراڻيءَ جي پٽ خانبهادر غلام قادر شعبان سان ٿي. غلام قادر شعبان شروع ۾ شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ۽ اعزازي مئجسٽريٽ رهيو، ان کانپوءِ ڪراچي جو اعزازي مئجسٽريٽ رهڻ سان گڏ 1938ع ۾ انڊين مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ جاگيردار ۽ زميندار سيٽ تان بنا مقابلي ميمبر (M.L.A) چونڊيو ويو. مشهور سياستدان ۽ پ پ اڳواڻ آفتاب شعبان ميراڻي بيگم شرف النساءَ شعبان جو فرزند آهي. بيگم شرف النساءَ شعبان انگريزن جي دور ۾ مختلف تحريڪن ۾ حصو ورتو، جنهنڪري کيس جيل جون تڪليفون به سهڻيون پيون. هي انهن عورتن ۾ شامل هئي، جن سنڌي مسلمان عورتن ۾ تعليم لاءِ ڪوششون ڪيون. هن اهڙي ماحول ۾ جتي عورتن جي تعليم ته پري جي ڳالهه، پر عورت جي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي به پابندي هئي، ان وقت هن عورتن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي. هن ۽ ٻين قومي ورڪر عورتن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ مسلمان عورتون نه رڳو تعليمي ميدان ۾ اڳيان آيون، پر سياسي ڌارا ۾ به شامل ٿيون ۽ سماجي حوالي سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لڳيون. هن ڪراچيءَ جي هر گهٽي ۽ پاڙي ۾ وڃي عورتن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو. هوءَ پنهنجي ترقي پسند خيالن جي ڪري هر مذهب سان واسطو رکندڙ عورتن ۾ مقبول هئي. هيءَ انهن عورتن ۾ شامل هئي، جن جمشيد مهتا جي اثر هيٺ سماجي ڪمن لاءِ پنهجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. سندس سماجي ۽ تعليمي خدمتن عيوض وائسراءِ هند کيس ‘قيصر هند’ جي خطاب سان نوازيو. هيءَ سنڌ جي پهرين مسلمان عورت آهي، جنهن کي اهو خطاب مليو. بيگم شرف النساءَ شعبان کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هي سنڌ جي پهرين مسلمان عورت آهي، جنهن 1929ع ۾ ‘آل سنڌ ويمن ڪانفرنس’ جي صدارت ڪئي هئي. ان سان گڏ 1938ع ۾ هن ‘طبيه ڪاليج دهليءَ’ جي ڪانووڪيشن جي صدارت به ڪئي هئي.هيءَ سنڌ جي پهرين مسلمان عورت آهي، جنهن کي ‘جسٽس آف پيس’ چونڊيو ويو. پاڻ ڪراچي ميونسپالٽي ۽ ضلعي لوڪلبورڊ جي ڪيترين ڪاميٽين جي ميمبر به رهي. ان کان سواءِ سول اسپتال ڪراچي، نرسنگ ايسوسيئيشن ڪراچي ۽ ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڪاميٽين جي به ميمبر رهي. بيگم شرف النساءَ شعبان 1936ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اعزازي مئجسٽريٽ پڻ رهي ۽ پنهنجي خرچ تي غريب قيدين لاءِ وڪيلن جو بندوبست ڪندي هئي. هوءَ مسلم ليڊيز ايسوسيئيشن ڪراچيءَ جي مئنيجنگ ڪاميٽي جي ميمبر، مسلم گرلز اڪيڊمي ڪراچيءَ جي ميمبر، نائب صدر، اسڪول بورڊ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي صدر به رهي. هن ڪراچيءَ ۾ گرلز گائيڊ تحريڪ کي منظم ۽ فعال ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سماجي ڪمن سان گڏ هن مسلم ليگ جي عورتن واري شاخ جي پليٽفارم تان پڻ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن جي.ايم سيد جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ ‘مسلم ليگ ويمن سب ڪاميٽي’ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جي صدر بيگم صغريٰ هدايت الله کي چونڊيو ويو هو، ان جي ميمبرن ۾ بيگم شرف النساءَ شعبان به شامل هئي. 23 مارچ 1940ع تي مسلم ليگ قائداعظم جي اڳواڻي ۾ جڏهن لاهور جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو هو ته ان اجلاس ۾ محمد علي جناح ۽ فاطمه جناح جي حفاظت لاءِ جيڪو جٿو ‘ويمن نيشنل گارڊ’ جي نالي سان بيگم قيصره انور علي جي اڳواڻيءَ ۾ مقرر ٿيل هو، ان ۾ شرف النساءَ شعبان به شامل هئي. سنڌ ۾ عورتن جي حقن، توڙي سياسي، سماجي ۽ تعليمي حوالي سان بيگم شرف النساءَ شعبان جون ڪوششون وساري نه ٿيون سگهجن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو